تازه ترين

آمريڪا ۽ ڀارت وچ ۾ 10 ورهين وارو دفاعي معاهدو ٿي ويو

- Advertisement -
آمريڪي بچاءَ وزير پيٽ هيگسٿ ڪوالالمپور ۾ پنهنجي ڀارتي هم منصب راج ناٿ سنگهه سان ملاقات ڪري معاهدي جو اعلان ڪيو. سماجي رابطن واري ويب سائٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ پيٽ هيگسٿ چيو ته آمريڪا ۽ ڀارت وچ ۾ ڏهن ورهين جي دفاعي فريم ورڪ معاهدي تي صحيون ٿي ويون آهن. هن چيو ته اهو معاهدو خطي ۾ استحڪام ۽ دفاعي توازن لاءِ سنگِ ميل جي حيثيت رکي ٿو. آمريڪي بچاءَ واري وزير چيو ته معاهدي سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار، ڄاڻ جي مٽاستا ۽ ٽيڪنالاجي جي ڀائيواري ۾ اضافو ٿيندو. پيٽ هيگسٿ چيو ته معاهدو ٻنهي ملڪن جي فوجن وچ ۾ سهڪار وڌيڪ مضبوط ڪرڻ طرفن اهم قدم آهي، جيڪو مستقبل ۾ وڌيڪ گهري ۽ دفاعي لاڳاپن جي راهه هموار ڪندو. ٻنهي وزيرن ۾ ملاقات آسيان ڊفينس سمٽ دوران ٿي، جيڪا اهڙي وقت ۾ ٿي آهي جڏهن آمريڪا ڀارت طرفان روس کان تيل خريد ڪرڻ تي ناراضگي ظاهر ڪندي ڀارتي شين تي 50 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪئي……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
22 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
31.1 ° C
31.1 °
31.1 °
23 %
2.2kmh
0 %
اربع
32 °
خميس
29 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °
آچر
33 °

تازه ترين خبرون