- Advertisement -
ٻه ڀيرا ناڪامي بعد آمريڪي هائوس جي نمائندن ٽيون ڀيرو ووٽنگ ۾ خرچن جو بل منظور ڪري ورتو.
آمريڪي براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن موجب 366 ميمبرن حڪومت جي تجويز ڪيل خرچن واري بل جي حق ۾ ۽ 34 مخالفت ۾ ووٽ ڏنو.
بل رد ٿيڻ جي صورت ۾ آمريڪا جا سمورا سرڪاري ادارا خرچن لاءِ فنڊ نه هجڻ سبب اڌ رات جو بند ٿي وڃن ها.
بل تحت حڪومت 100 بلين ڊالر ڊزاسٽر فنڊ ۾ ۽ 10 بلين ڊالر هارين لاءِ مارچ 2025 تائين فراهم ڪندي، بل کي حتمي منظوري لاءِ سينيٽ ۾ موڪليو ويندو.
ٻنهي ڊيموڪريٽس ۽ ريپبلڪن خبردار ڪيو هو ته جيڪڏهن ڪانگريس، حڪومت کي شٽ ڊائون جي اجازت ڏني ته اها سندن غلطي هوندي.
ان کان اڳ آمريڪي ڪانگريس جا اعليٰ ڊيموڪريٽڪ ۽ ريپبلڪن ميمبر هڪ عبوري بجيٽ پيڪيج تي ڪم ڪري رهيا هئا ته جيئن وفاقي ايجنسين کي ايندڙ سال 14 مارچ تائين فنڊ جاري رکيو وڃي..- Advertisement -
