آمريڪا ۾ شٽ ڊائون جو خطرو ٽري ويو، خرچن جو بل منظور

- Advertisement -
ٻه ڀيرا ناڪامي بعد آمريڪي هائوس جي نمائندن ٽيون ڀيرو ووٽنگ ۾ خرچن جو بل منظور ڪري ورتو. آمريڪي براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن موجب 366 ميمبرن حڪومت جي تجويز ڪيل خرچن واري بل جي حق ۾ ۽ 34 مخالفت ۾ ووٽ ڏنو. بل رد ٿيڻ جي صورت ۾ آمريڪا جا سمورا سرڪاري ادارا خرچن لاءِ فنڊ نه هجڻ سبب اڌ رات جو بند ٿي وڃن ها. بل تحت حڪومت 100 بلين ڊالر ڊزاسٽر فنڊ ۾ ۽ 10 بلين ڊالر هارين لاءِ مارچ 2025 تائين فراهم ڪندي، بل کي حتمي منظوري لاءِ سينيٽ ۾ موڪليو ويندو. ٻنهي ڊيموڪريٽس ۽ ريپبلڪن خبردار ڪيو هو ته جيڪڏهن ڪانگريس، حڪومت کي شٽ ڊائون جي اجازت ڏني ته اها سندن غلطي هوندي. ان کان اڳ آمريڪي ڪانگريس جا اعليٰ ڊيموڪريٽڪ ۽ ريپبلڪن ميمبر هڪ عبوري بجيٽ پيڪيج تي ڪم ڪري رهيا هئا ته جيئن وفاقي ايجنسين کي ايندڙ سال 14 مارچ تائين فنڊ جاري رکيو وڃي..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
12.5 ° C
12.5 °
12.5 °
42%
1.2m/s
3%
سُومر
12 °
اڱارو
22 °
اربع
22 °
خميس
23 °
جمعو
21 °

تازه ترين خبرون