تازه ترين

آمريڪي رياست فلاڊيلفيا ۾ ننڍو جهاز ڪري تباهه، 6 ڄڻا فوت

آمريڪا ۾ هڪ ٻئي جهاز حادثي ۾ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.

آمريڪي رياست پنسلوانيا جي شهر فلاڊيلفيا جي اتر اوڀر واري علائقي ۾ هڪ شاپنگ مال ويجهو ننڍو جهاز ڪري تباهه ٿي ويو.

آمريڪي ميڊيا موجب، حادثي بعد جهاز کي باهه وڪوڙي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا.

آمريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته حادثي واري هنڌ امدادي ڪارروايون جاري آهن، جڏهن ته انتظاميا جهاز حادثي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

واضح رهي ته خميس ڏينهن به واشنگٽن ۾ مسافر جهاز ۽ هيليڪاپٽر ٽڪرائجڻ جو واقعو پيش آيو هو، جهاز ۽ هيلي ڪاپٽر ۾ سوار سمورن 67 ماڻهن کي فوت تصور ڪيو ويو.

ڊي سي فائر چيف جو چوڻ آهي ته هن وقت تائين 41 لاش هٿ ڪيا ويا آهن، جن مان 28 لاشن جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
few clouds
31.8 ° C
31.8 °
31.8 °
15 %
6kmh
17 %
ڇنڇر
33 °
آچر
31 °
سُومر
31 °
اڱارو
33 °
اربع
36 °

تازه ترين خبرون