تازه ترين

آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ زلزلي جا لوڏا، شدت 7 رڪارڊ

- Advertisement -
آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ 7 جي شدت وارا زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. زلزلو ماپيندڙ آمريڪي مرڪز موجب زلزلي جي اونهائي 10 ڪلو ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ان جو مرڪز ڪيليفورنيا جي ڏکڻ اوڀر ۾ هو. زلزلو ماپيندڙ آمريڪي مرڪز طرفان زلزلي سان گڏ ڪيليفورنيا ۽ ڏکڻ اووريگون جي سامونڊي علائقن ۾ سونامي جي وارننگ جاري ڪئي وئي هئي بعد ڪينسل ۾ ڪئي ويئي، جڏهن ته آفٽر شاڪس جو سلسلو جاري آهي. ميڊيا رپورٽن موجب سونامي جي وارننگ کانپوءِ وڏي انگ ۾ ماڻهن محفوظ هنڌن ڏانهن منتقلي جو عمل شروع ڪري ڇڏيو، جنهن سان روڊن تي ٽرئفڪ ٿي وئي . پرڏيهي ميڊيا موجب زلزلي کانپوءِ متثر علائقن ۾ بجلي جو نظام جزوي طور تي معطل ٿي ويو، جنهن سبب 10 هزار کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا. ڪيليفورنيا جي گورنر جو چوڻ آهي ته رياستي ايمرجنسي اختيارين سان ملاقاتون جاري آهن ۽ رياستي سطح تي امدادي سرگرمين لاءِ آپريشن سينٽر  قائم ڪيو ويو آهي. آمريڪي ميڊيا موجب زلزلي ۾ ٿيندڙ نقصان يا موتن جو اڃا تائين ڊيٽا جمع ڪيو پيو وڃي، هيستائين زلزلي سبب ڪنهن قسم جي جاني ۽ مالي نقصان جا اطلاع نه مليا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
26.4 ° C
26.4 °
26.4 °
50 %
2.8kmh
76 %
سُومر
29 °
اڱارو
31 °
اربع
31 °
خميس
32 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون