تازه ترين

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي ملاقات، مختلف معاملن تي ڳالهيون

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ملاقات ڪري مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون آهن. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري  سان ملاقات لاءِ اسلام آباد ۾ زرداري هائوس پهتو، بلاول ڀٽو زرداري اسحاق ڊار جي آجيان ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ معاملن جي حل لاءِ پ پ ۽ حڪومتي ڪميٽين جي ملاقاتن تي اتفاق ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اشرف، خيبرپختونخواهه جو گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ۽ بلوچستان جو وڏو وزير سرفراز بگٽي پڻ موجود هئا. ڪي پي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي به بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪري کيس اي پي سي تي بريفنگ ڏني. اهڙي طرح بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي پڻ پ پ چيئرمين سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران امن امان سميت ملڪ جي مجموعي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
24.2 ° C
24.2 °
24.2 °
55 %
1.7kmh
99 %
اڱارو
32 °
اربع
33 °
خميس
30 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون