تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

آمريڪي سرڪار جي هڪ ٻي اهم وِک کڻندي پاڪستان ۾ عذائي کوٽ جي متاثر ٻارن لاءِ غذائي امداد يونيسيف حوالي

- Advertisement -
آمريڪي سرڪار جي هڪ ٻي اهم وِک کڻندي پاڪستان ۾ عذائي کوٽ جي متاثر ٻارن لاءِ غذائي امداد يونيسيف حوالي ڪري ڇڏي آهي. آمريڪي سرڪار جو پاڪستان ۾ غذائي کوٽ جي شڪار ٻارن جون حياتيون بچائڻ لاءِ ٻارن لاءِ 486 ميٽرڪ ٽن تيار ٿيل صحت بخش خوراڪ ٻارن بابت گڏيل قومن جي اداري يونيسيف  حوالي ڪئي. ان سلسلي ۾ ڪراچي ۾ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم غذائي امداد يونيسيف حوالي ڪئي. عالمي ترقي بابت آمريڪي ايجنسي جي مالي سهائتا سان هن امداد وسيلي سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ غذائي کوٽ کي منهن ڏيندڙ 29 هزار کان وڌيڪ ٻار فائدو وٺي سگهندا. اُن موقعي تي ويچار ونڊيندي آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم چيو ته “اڄ هن غذائي امداد جي فراهمي پاڪستاني عوام، عورتن ۽ ٻارن سوڌو پٺتي پيل طبقن سان آمريڪا جي پائيدار سهڪار توڙي ڳانڍاپي جو مظهر آهي. هن چيو ته ان بحران کي منهن ڏيڻ ۽ پاڪستان ۾ ٻارن جو هڪ نسل بچائڻ لاءِ کين تڪڙا اپاءَ وٺڻا پوندا.” آر ٽي يو ايف – بوهي مُڱ، کنڊ، سُڪل کير، تيل، وٽامنز ۽ ٻين قدرتي شين سان تيار ڪيل غذائيت سان ڀرپور خوراڪ آهي، جيڪا غذائي کوٽ سبب متاثر ٻارن جي علاج توڙي صحت لاءِ ضروري آهي. هي امداد پاڪستان ۾ غذائي کوٽ ۽ اُن جي ڊگهي مُدي وارن اثرن کي ختم ڪرڻ لاءِ آمريڪي حڪومت جي ڪوششن جو ثبوت آهي. آمريڪا پاران غذائي کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان کي 2022ع کان هيل تائين 10 ڪروڙ ڊالرز امداد مهيا ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اٽڪل ڏيڍ ڪروڙ ڊالرز شديد غذائي کوٽ سبب متاثر ٻارن جي علاج ۽ ٻي طبي امداد لاءِ رکيا ويا. پاڪستان ۾ غذائي کوٽ جي بحران کي حل ڪرڻ لاءِ عالمي ترقي بابت آمريڪي ايجنسي جي اپائن سان نه رڳو خوراڪ جون گهرجون ترت پوريون ٿينديون آهن، پر اُن جو مقصد غذائي تحفظ، صاف پاڻي تائين پهچ ۽ صحت جي سار سنڀال جي خدمتن ۾ واڌارو ڪرڻ آهي. تقريب ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه، صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، يونيسيف جي ڪنٽري ڊائريڪٽر عبدالله اي فاضل سوڌو ٻين اعليٰ عهديدارن شرڪت ڪئي ۽ غذائي کوٽ جهڙي اهم مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ گهربل گڏيل ڪوششن تي روشني وڌي وئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
17.8 ° C
17.8 °
17.8 °
16 %
2.6kmh
100 %
جمعو
17 °
ڇنڇر
26 °
آچر
24 °
سُومر
25 °
اڱارو
23 °

تازه ترين خبرون