- Advertisement -
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو خواب پورو نه ٿي سگهيو، امن جو نوبل انعام وينزويلا جي ماريا ڪورينا کي ڏنو ويو آهي.
سوئيڊن جي رائل سوئيڊش اڪيڊمي آف سائنس جي سربراهه جورجين واٽن 2025ع لاءِ امن جي نوبل انعام جو اعلان ڪندي چيو ته امن جو نوبل انعام وينزويلا جي جمهوريت پسند اڳواڻ مَاريا ڪورينا مچاڊو کي ڏنو وڃي ٿو.
ماريا ڪورينا 2011ع کان 2014ع تائين وينزويلا جي پارليامينٽ جو حصو رهي، کيس آمريت کان جمهوريت جي منصفاڻي پرامن منتقلي جي جدوجهد تي امن جو نوبل انعام ڏنو ويو آهي.
ماريا ڪورينا مچاڊو کي 2018ع ۾ بي بي سي جي سئو عورتن ۾ به شامل ڪيو ويو هو.
هوڏانهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي امن جو نوبل انعام نه ملڻ تي وائٽ هائوس جو رد عمل به سامهون اچي ويو آهي.
وائٽ هائوس جي ترجمان اسٽيون چيونگ جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته نوبل ڪميٽيءَ ثابت ڪيو ته اهي امن تي سياست کي ترجيح ڏين ٿا.
هن چيو ته صدر ٽرمپ امن جا معاهدا ڪندو رهيو ۽ جنگيون ختم ڪرائي جانيون بچايون.- Advertisement -
