تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وينزويلا تي ڪنٽرول ڪرڻ کانپوءِ ميڪسيڪو، ڪيوبا ۽ ڪولمبيا کي به ڌمڪي ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وينزويلا تي ڪنٽرول ڪرڻ کانپوءِ ميڪسيڪو، ڪيوبا ۽ ڪولمبيا کي به ڌمڪي ڏئي ڇڏي، سندس چوڻ آهي ته ايران ۾ وڌيڪ مظاهرين قتل ٿيا ته آمريڪا تمام وڏو حملو ڪري سگهي ٿو. ايئر فورس ون ۾ صحافين سان ڳالهائيندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ڪولمبيا ۾آمريڪي فوجي آپريشن سٺو خيال آهي. هن چيو ته ڪولمبيا جون حالتون خراب آهن، منشيات جي سمگلنگ ۽ پيداوار ڪئي پئي وڃي جنهن کي برداشت نه ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته ڪيوبا جي حڪومت ڪمزور ٿي چڪي آهي،لڳي ٿو ته پاڻ ئي ڪري پوندي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ڪيوبا جي معيشيت گهڻي قدر وينزويلا جي تيل تي ڀاڙيندي هئي جيڪو هاڻي بند ٿي چڪو آهي. هن چيو ته آمريڪا جو وينزويلا جي معاملن تي ڪنٽرول آهي،جيڪڏهن وينزويلا سهڪار نه ڪيو ته ٻيهر فوجي ڪارروائي ڪري سگهجي ٿي. سندس چوڻ هو ته آمريڪا کي وينزويلا ۾ تيل ۽ ٻين وسيلن تائين مڪمل پهچ حاصل هئڻ گهرجي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته وينزويلا جي نائب صدر روڊريگز درست ڪم نه ڪيو ته مادورو کان به وڌيڪ ڳري قيمت ڀوڳڻي پوندي. سندس چوڻ هو ته منشيات جي سمگلنگ روڪڻ لاءِ ميڪسيڪو کي پنهنجو نظام درست ڪرڻو پوندو ٻئي صورت ۾ آمريڪا ڪو سخت قدم ڏيکارڻو پوندو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرن دوران وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا ته آمريڪا وڌيڪ زوردار حملو ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته آمريڪا جي ايران جي صورتحال تي گهري نظر آهي، جيڪڏهن ايراني حڪومت مظاهرين خلاف طاقت جو استعمال جاري رکيو ته واشنگٽن شديد رد عمل ڏيندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
0.2 ° C
0.2 °
0.2 °
32 %
3.9kmh
43 %
ڇنڇر
4 °
آچر
8 °
سُومر
8 °
اڱارو
7 °
اربع
9 °

تازه ترين خبرون