- Advertisement -
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان امن معاهدي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته هرمز لنگهه جمعي تي جنگ بندي معاهدي تي صحيح کانپوءِ کلي ويندو.
آمريڪي صدر سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ ايران سان طئي ٿيل معاهدي کي هڪ عظيم معاهدو قرار ڏيندي چيو ته هو خطي ۾ امن ۽ سلامتي کي يقيني بڻائيندو.
سندس چوڻ هو ته ماضي ۾ ڪيترن ئي صدر ايران سان امن قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام رهيا، پر موجوده اڳڀرائي پهريون ڀيرو حقيقي امن طرف عمل قدم آهي.
هن چيو ته معاهدي تحت هرمز لنگهه کي مڪمل طور تي کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ته جيئن عالمي واپار بحال ٿي سگھي.
ٽرمپ چيو ته هرمز لنگهه جمعي تي جنگ بندي معاهدي تي صحيحي کانپوءِ سڀني لاءِ کلي ويندو.
ان کان اڳ صدر ٽرمپ هڪ بيان ۾ سڀني کي مبارڪباد ڏيندي چيو هوته ته ايران سان معاهدو مڪمل ٿي چڪو آهي
هن چيو ته دنيا جا جهاز پنهنجيون سرگرميون شروع ڪن، تيل جي فراهمي جو وقت اچي ويو آهي….- Advertisement -
