تازه ترين

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چين تي امپورٽس تي ھڪ سئو سيڪڙو اضافي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو اعلان

- Advertisement -
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چين تي امپورٽس تي ھڪ سئو سيڪڙو اضافي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽرٿ سوشل تي چين تي نئين ھڪ سئو سيڪڙو نئون ٽيرف جو اعلان ڪيو. ٽرمپ چيو ته آمريڪا نومبر کان چيني امپورٽس تي اضافي 100 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪندو، آمريڪي شين جي حفاظت لاءِ سخت واپاري قدم کنيا ويندا. چيني شين تي اڳ ۾ ئي آمريڪا طرفان 30 سيڪڙو ٽيرف لاڳو آھي، هاڻي نئين درآمدي ٽيڪس جي اعلان کانپوءِ عالمي اسٽاڪ مارڪيٽون گهٽجي ويون آهن. هن اعلان کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ، ٽرمپ ٽرٿ سوشل تي هڪ ڊگهي پوسٽ ۾ چيو هو ته چين دنيا جي ملڪن کي ناياب زميني معدنيات تي برآمدي پابندين بابت خط موڪليا آهن. ٽرمپ چيو ھوتھ چين کي دنيا کي يرغمال بڻائڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگھجي……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
11.2 ° C
11.2 °
11.2 °
12 %
0.3kmh
100 %
سُومر
11 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °

تازه ترين خبرون