تازه ترين

آمريڪي عملدارن پاران طالبان تي زور

آمريڪي عملدارن طالبان تي زور ڏنو آهي ته هـُو افغانستان ۾ انساني حقن جي بگرجندڙ صورتحال کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجون پاليسيون واپس وٺن.

امريڪي پرڏيهي کاتي طرفان دوحه ۾ آمريڪا ۽ افغان طالبان وچ ۾ ٻن ڏينهن واري ملاقات جي پڌرائي جاري ڪئي وئي.

پڌرائي موجب، 30 ۽ 31 جولاءِ تي امريڪا جي خاص نمائندي ٿامس ويسٽ، افغان عورتن ۽ انساني حقن جـِي خاص ايلچي رينا اميري ۽ دوحا ۾ ترسيل افغانستان لاءِ امريڪي مشن جي چيف ڪيرن ڊيڪر، افغان وفد سان ملاقات ڪئي.

پڌرائي موجب، امريڪي وفد افغان مرڪزي بينڪ ۽ افغان ناڻي واري وزارت جي عملدارن سان به گڏجاڻي ڪئي.

پڌرائي موجب، آمريڪي وفد جو چوڻ آهي ته کين عورتن ۽ اقليتن تي پابندين تي سخت ڳڻتي آهي.

آمريڪي وفد افغان عوام ۾ اعتمادي سازي لاءِ مختلف معاملن جي نشاندهي ڪئي.

آمريڪي وفد انساني همدردي تحت امداد فراهم ڪندڙ تنظيمن جي ضرورت تي زور ڏنو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
113,000SubscribersSubscribe
Pakistan
overcast clouds
26 ° C
26 °
26 °
50 %
3.6kmh
99 %
ڇنڇر
34 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
30 °
اربع
27 °

تازه ترين خبرون