آمريڪي عملدارن پاران طالبان تي زور

- Advertisement -
آمريڪي عملدارن طالبان تي زور ڏنو آهي ته هـُو افغانستان ۾ انساني حقن جي بگرجندڙ صورتحال کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجون پاليسيون واپس وٺن. امريڪي پرڏيهي کاتي طرفان دوحه ۾ آمريڪا ۽ افغان طالبان وچ ۾ ٻن ڏينهن واري ملاقات جي پڌرائي جاري ڪئي وئي. پڌرائي موجب، 30 ۽ 31 جولاءِ تي امريڪا جي خاص نمائندي ٿامس ويسٽ، افغان عورتن ۽ انساني حقن جـِي خاص ايلچي رينا اميري ۽ دوحا ۾ ترسيل افغانستان لاءِ امريڪي مشن جي چيف ڪيرن ڊيڪر، افغان وفد سان ملاقات ڪئي. پڌرائي موجب، امريڪي وفد افغان مرڪزي بينڪ ۽ افغان ناڻي واري وزارت جي عملدارن سان به گڏجاڻي ڪئي. پڌرائي موجب، آمريڪي وفد جو چوڻ آهي ته کين عورتن ۽ اقليتن تي پابندين تي سخت ڳڻتي آهي. آمريڪي وفد افغان عوام ۾ اعتمادي سازي لاءِ مختلف معاملن جي نشاندهي ڪئي. آمريڪي وفد انساني همدردي تحت امداد فراهم ڪندڙ تنظيمن جي ضرورت تي زور ڏنو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.4 ° C
25.4 °
25.4 °
27%
4.7m/s
0%
ڇنڇر
25 °
آچر
33 °
سُومر
32 °
اڱارو
31 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون