آمريڪي فوج طرفان اسرائيل جي ثابت قدمي واري حمايت جي آمريڪي پاليسي تي خدشن جو اظهار

- Advertisement -
آمريڪي فوج طرفان اسرائيل جي ثابت قدمي واري حمايت جي آمريڪي پاليسي تي خدشن جو اظهار ڪيو ويو آهي. آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪي فوج جي سينئر آفيسرن ۾ ان وقت اِهو بحث ٿي رهيو آهي ته اسرائيل جي حمايت ۾ وڌيڪ آمريڪي فوجين جي وچ اوڀر ڏانهن روانگي خطي ۾ ڇڪتاڻ جي صورتحال ۾ وڌيڪ اضافي جو خطرو پيدا ڪري ڇڏيندي. آمريڪي اختيارين جو چوڻ آهي ته اسرائيل جي حمايت لاءِ سندن ملٽري پاليسي جو مقصد پنهنجي فوجي ڪاررواين ۽ سفارتڪاري ذريعي ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ آسهي، جڏهن ته پينٽاگون ۾ ڪجهه سينئر فوجي اختياريون ان پاليسي سان ملندڙ نتيجن تي پنهنجي خدشن جو اظهار ڪندي گهربل نتيجن تي سوال اٿاري رهيون آهن. نيويارڪ ٽائمز دعويٰ ڪئي آهي ته پينٽاگون جي سينئر اختيارين طرفان خدشن جو اظهار ڪيو ويو آهي ته اسرائيل موقعي مان فائدو کڻي پنهنجي جارحيت ۾ اضافو ڪندو پيو وڃي ۽ لبنان ۾ حزب الله خلاف وڏي پئماني تي ڪارروايون به ان لاءِ شروع ڪيون ته هو ڄاڻي ٿو ته آمريڪي جنگي ٻيڙي تي موجود هٿياربند دستا ۽ درجنين جنگي جهاز ڪنهن به ايراني جواب تي ان جي مدد لاءِ تيار آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.5 ° C
31.5 °
31.5 °
24%
2.9m/s
0%
سُومر
31 °
اڱارو
32 °
اربع
31 °
خميس
32 °
جمعو
33 °

تازه ترين خبرون