تازه ترين

آمريڪي مئگزين طرفان پاڪستان جي عالمي سطح تي ڪاميابين جو اعتراف، فارن پاليسي ميگزين پاڪستان کي خطي جو فاتح قرار ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
عالمي سطح تي پاڪستان جي ڪامياب حڪومتي ۽ فوجي سفارتڪاري کي ڀرپور موٽ ملي رهي آهي. آمريڪي مئگزين فارن پاليسي پنهنجي تازي رپورٽ ۾ پاڪستان کي خطي جو سفارتي فاتح قرار ڏيندي چيو ته گذريل ڇهن مهينن ۾ پاڪستان جي متوازن ۽ هاڪاري پرڏيهي پاليسي ذريعي عالمي منظر نامو تبديل ڪري  سفارتڪاري ۾ نئون رخ اختيار ڪيو آهي. آمريڪي مئگزين موجب، پاڪستان آمريڪا سان لاڳاپن جي بحالي، ترڪيه، ملائيشيا، ايران سان معاهدن ۽ چين سان لاڳاپن کي هٿي نئون باب لکيو آهي، سعودي عرب سان اسٽريٽجڪ دفاعي معاهدي خطي ۾ نئين سفارتي لهر پيدا ڪئي آهي جيڪا پاڪستان جي ڪاميابيءَ جو واضح مثال آهي. فارن پاليسي مئگزين جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد ۽ واشنگٽن جي نون لاڳاپن جي شروعات پيش ايندڙ غير امڪاني واقعن سان ٿي، پاڪستان داعش خراسان جو دهشتگرد گرفتار ڪيو جيڪو ڪابل ايئرپورٽ حملي جو ماسٽر مائنڊ هو. آمريڪي مئگزين موجب، آمريڪي سينٽ ڪام جي سربراهه جنرل مائيڪل ڪوريلا پاڪستان جي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سهڪار کي غير معمولي ۽ هاڪاري قرار ڏنو، آمريڪا ۽ پاڪستان جي لاڳاپن جي بحالي سان واشنگٽن ۽ نئين دهلي جي لاڳاپن ۾ ڏار پيدا ٿيا. فارن پاليسي مئگزين ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت کي ٽرمپ جي پاڪستان طرف لاڙي سان 25 سالن جي سفارتي محنت ۽ اعتماد جي ضايع ٿيڻ جو خدشو آهي، ٽرمپ ۽ مودي جي تلخ فون ڪال سان آمريڪا ۽ ڀارت ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي ۽ پاڪستان لاءِ نوان رستا کليا. آمريڪي مئگزين موجب،ٽرمپ پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ جي دعويٰ ڪندي ڪشمير بابت ٽياڪڙي جي آڇ به ڪئي، جون ۾ فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ آمريڪي صدر وچ ۾ 2 ڪلاڪ ڊگهي ملاقات لاڳاپن ۾ نئين گرمجوشي پيدا ڪئي. فارن پاليسي مئگزين جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ ٽرمپ ملاقاتون توڙي غزا امن ڪانفرنس پاڪستان جي عالمي اثر رسوخ جو ثبوت آهن، پاڪستان ٽرمپ سان شاندار واپاري پيڪيج حاصل ڪري سفارتڪاري ۾ نئين ڪاميابي حاصل ڪئي. فارن پاليسي مئگزين جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم جي هاڪاري سفارتڪاري سبب آمريڪي ڪمپني 500 ملين ڊالر سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو، پاڪستان غير نيٽو اتحادي هئڻ هوندي آمريڪا، چين ۽ سعودي عرب سان هڪ ئي وقت لاڳاپا مضبوط ڪيا. آمريڪي مئگزين موجب، متوازن پرڏيهي پاليسي ۽ هاري سفارتڪاري عالمي منظر نامي ۾ پاڪستان کي اهم رانديگر طور متعارف ڪرايو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.1 ° C
31.1 °
31.1 °
19 %
4.5kmh
8 %
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون