آمريڪي ڪانگريس ۾ پاڪستان ڪاڪس جي سربراهه شيلا جيڪسن لي لاڏاڻو ڪري وئي

- Advertisement -
آمريڪي ڪانگريس ۾ پاڪستان ڪاڪس جي سربراهه ڪانگريسي ميمبر شيلا جيڪسن لي لاڏاڻو ڪري وئي. شيلا جيڪسن لي ڊگهي عرصي کان ڪينسر جي مرضي ۾ مبتلا هئي. ميڊيا رپورٽن موجب، 74 سالن جي شيلا جيڪسن لي،  گهڻي عرصي کان ڪينسر ۾ مبتلا هئي، جيڪا جمعي تي فوت ٿي وئي. پاڪستان جي حڪومت طرفان سيپٽمبر 2022ع ۾ شيلا جيڪسن کي سندس خدمتن جي اعتراف ۾ هلال پاڪستان سان نوازيو هو. پرڏيهي ميڊيا موجب، شيلا جيڪسن جي پونئرن ۾ سندس  مڙس ۽ 2 ٻار آهن. آمريڪي رياست هيوسٽن سان تعلق رکندڙ شيلا جيڪسن جو ڳاڻيٽو ٽيڪساس سان تعلق رکندڙ سڀني کي وڌيڪ عرصي تائين ڊيموڪريٽ ڪانگريس ميمبرن ۾ ٿيندو هو. شيلا جيڪسن ڊيموڪريٽ طرفان پنهنجي سياسي ڪيريئر جي شروعات 1994ع ۾ ڪئي ۽ هن پهرين ئي پرائمري اليڪشن ۾ 4 ڀيرا ڪامياب ٿيندڙ ڊيموڪريٽ ڪريگ واشنگٽن کي شڪست ڏني.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.6 ° C
25.6 °
25.6 °
24%
6m/s
5%
اڱارو
25 °
اربع
25 °
خميس
24 °
جمعو
23 °
ڇنڇر
24 °

تازه ترين خبرون