آڪلينڊ ۾ خالصتان جي آزاديءَ لاءِ ڪوٺايل ريفرنڊم ۾ ووٽنگ جو عمل جاري

- Advertisement -
نيوزيلينڊ جي شهر آڪلينڊ ۾ خالصتان جي آزاديءَ لاءِ ڪوٺايل ريفرنڊم ۾ ووٽنگ جو عمل مڪمل ٿيڻ بعد ووٽرن جو انگ وڌيڪ هئڻ سبب مقرر ڪيل وقت ۾ هڪ ڪلاڪ جي واڌ ڪرڻي پئجي وئي. آڪلينڊ جي مرڪز ۾ او ٽي اسڪوائر تي صبح جا 9 ٿيندي ئي ووٽنگ شروع ٿيڻ کان پهريان ئي ووٽرن جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون. خالصتان جي ريفرنڊم ۾ شرڪت لاءِ مختلف شهرن مان سک برادري جو وڏو انگ ڪوچز ذريعي آڪلينڊ پهتا. ووٽنگ شروع ٿيڻ کان پهريان دعا جي تقريب ٿي. خالصتان رياست لاءِ دعائون ۽ شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ آيل ماڻهن پاران خالصتان جي حق ۽ ڀارت خلاف نعريبازي ڪئي وئي. ووٽ ڪاسٽ ڪندڙن ۾ هر عمر جا ماڻهو شامل هئا. عورتن ۽ وڏي عمر جي ماڻهن به قطار ۾ بيهي ووٽ ڏيڻ جو انتظار ڪيو. انڊي پينڊنٽ پنجاب ريفرنڊم ڪميشن موجب، ريفرنڊم ۾ 37 هزار ماڻهن ووٽ جو حق استعمال ڪيو، ريفرنڊم ۾ ووٽنگ لاءِ مقرر وقت کان پهريان ئي قطارون لڳي ويون هيون. ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ ايندڙن کي چار ڇار ڪلاڪ انتظار ڪرڻو پيو. شرڪت ڪندڙن کي سک فار جسٽس جي ڪائونسل جنرل گرپتونت سنگهه پنون وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي چيو ته ڀارت ووٽ تي يقين رکندڙن کي گولي سان منهن ڏيندو آهي، ڀارت جي ظلمن باوجود سک برادري تشدد بدران ووٽ جو رستو اختيار ڪيو. سندس چوڻ هو ته سک گولي جو جواب گولي سان ڏئي سگهيا پئي، سندن مشن آزادي يا شهادت آهي، ريفرنڊم جو ايندڙ مرحلو ايندڙ سال 23 مارچ تي لاس اينجلس ۾ ٿيندو. سک فار جسٽس جي ڪائونسل جنرل گرپتونت سنگهه پنون چيو ته مودي ۽ اميت شاهه جو سياسي موت سک برادري هٿان لکيل آهي، هاڻي پنجاب جي آزادي يقيني آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
19.3 ° C
19.3 °
19.3 °
14%
0.5m/s
23%
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
19 °

تازه ترين خبرون