تازه ترين

آڪٽوبر کان ڊسمبر تائين ڪنهن به قسم جون سياسي تبديليون ٿي سگهن ٿيون، ڪي پي ۾ به تبديلي اچي سگهي ٿي : مرتضيٰ جتوئي

- Advertisement -
نوشهري فيروز جي عدالت جتوئي ڀائرن خلاف موري واقعي سميت 8 ڪيسن مان چئن ڪيسن جي ٻڌڻي 29 آڪٽوبر ۽ چئن ڪيسن جي ٻڌڻي 4 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اين پي پي سربراهه غلام مرتضيٰ جتوئي جو چوڻ هو ته آڪٽوبر کان ڊسمبر تائين ڪنهن به قسم جون سياسي تبديليون ٿي سگهن ٿيون، ڪي پي ۾ به تبديلي اچي سگهي ٿي. غلام مرتضيٰ جتوئي جو چوڻ هو ته افغانستان سان به جهڙپون ٿي رهيون آهن، پاڪستانين افغانين جي تمام گهڻي مهمان نواز ڪئي، هاڻي افغانين کي واپس وڃڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته سموري سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي. غلام مرتضيٰ جتوئي جو چوڻ هو ته اهي ذهني طور تيار آهن ته هن حڪومت جي هوندي عدالتن جا چڪر ڪاٽيندا رهندا. سندس چوڻ هو ته هاءِ ڪورٽ جي واضح حڪمن کانپوءِ ٻي ڪابه ڪارروائي ناهي ڪئي وئي. سندس چوڻ هو ته هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو آهي ته صحيح نموني جاچ ڪري ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
11.2 ° C
11.2 °
11.2 °
12 %
0.3kmh
100 %
سُومر
11 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °

تازه ترين خبرون