- Advertisement -
گڏيل عرب رياستن ۾ پاڪستاني سفارتخاني ابوظهبي جي اڱڻ تي پاڪستاني مسيحي برادريءَ سان گڏ ڪرسمس ملهائڻ جي تقريب ڪوٺائي وئي.
تقريب ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي عملي ۽ گڏيل عرب رياستن ۾ رهندڙ مسيحي خاندانن وڏي انگ شرڪت ڪئي.
تقريب ۾ ڳالهائيندي سفير فيصل نياز ترمذي چيو ته حضرت عيسيٰ پاران ڏنل محبت ۽ امن جو پيغام دنيا ۾ اهميت جوڳو آهي، پاڪستان جي ترقي ۾مسيحي برادري جو اهم ڪردار آهي.
اُن موقعي تي پاڪستاني سفير، پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جي تعليم جو ذڪر ڪندي چيو ته هن هميشه سمورن پاڪستانين وچ ۾ برابري ۽ عدم استحڪام جي وڪالت ڪئي چاهي اهو ڪنهن به عقيدي سان واسطو رکندڙ ڇو نه هجي.
هن چيو ته سفارتخاني ۾ ميزباني ڪرڻ ۽ پنهنجي مسيحي برادري جي ميمبرن سان گڏ هن خاص موقعي تي جشن ملهائڻ تي کيس خوشي ٿي آهي.
ان موقعي تي پادرين ۽ مسيحي برادريءَ پاران تقريب ڪوٺائڻ تي سفير ۽ سفارتخاني جي عملي جي ساراهه ڪئي.
تقريب ۾ پادري ناصر تاج، رابرٽ ۽ فليمون جارج خاص دعائن جي اڳواڻي ڪئي ۽ جشن جي ميزباني ڪرڻ ۽ مسيحي برادري جي مسلسل حمايت ڪرڻ تي سفير جا ٿورا مڃيا.
تقريب جي نظامت معروف سماجي ۽ سياسي ڪارڪن روحيل ظفر شاهي ڪئي.- Advertisement -
