تازه ترين

اتحادي حڪومت جو آخري ڏينهن، نگران وزيراعظم ڪير ٿيندو؟، نالي جو اڃا تائين فيصلو نه ٿي سگهيو

اتحادي حڪومت جو آخري ڏينهن، نگران وزيراعظم ڪير ٿيندو؟، نالي جو اڃا تائين فيصلو نه ٿي سگهيو جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ راجا رياض ۾ ملاقات اڄ ٿيندي.

ذريعن موجب، ملاقات دوران مخالف ڌر جو اڳواڻ نگران وزيراعظم لاءِ پنهنجا نالا وزيراعظم شهباز شريف کي پيش ڪندو، جڏهن ته راجا رياض جي نالن ۾ ڪوبه سياستدان شامل ناهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته مخالف ڌر جي اڳواڻ جي نالن ۾ حفيظ شيخ جو نالو به شامل ناهي.

وزيراعظم شهباز شريف صلاح مشورن بعد نگران وزيراعظم جي مقرري ڪندو.

نگران وزيراعظم جو فيصلو نه ٿيڻ جي صورت ۾ معاملو پارلياماني ڪميٽي ڏانهن هليو ويندو.

 پارلياماني ڪميٽي فيصلو نه ڪري سگهي ته اليڪشن ڪميشن نگران وزيراعظم جو نالو فائنل ڪندي.

نگران وزيراعظم لاءِ هن وقت تائين جيڪي نالا سامهون آيا آهن انهن ۾ شاهد خاقان عباسي، حفيظ شيخ، جسٽس رٽائرڊ خليل الرحمان رمدي، مقبول باقر، فواد حسن فواد، گوهر اعجاز، اڳوڻو آرمي چيف راحيل شريف ۽ محسن نقوي شامل آهن. ذريعن موجب، سامهون آيل نالن مان اڃا تائين ڪنهن هڪ نالي تي اتفاق ناهي ٿي سگهيو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
105,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
4.4 ° C
4.4 °
4.4 °
38 %
1.1kmh
31 %
سُومر
4 °
اڱارو
10 °
اربع
12 °
خميس
13 °
جمعو
15 °

تازه ترين خبرون