تازه ترين

اتر آفريڪا جي ملڪ چاڊ جي صدارتي محل تي هٿياربندن جو حملو

اتر آفريڪا جي ملڪ چاڊ جي صدارتي محل تي هٿياربندن حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ 18 حملو ڪندڙن سميت 19 ڄڻا مارجي ويا.

پرڏيهي ميڊيا موجب، راڄڌاني انجامينا ۾ اربع ڏينهن صدارتي محل تي هٿياربندن حملو ڪيو.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، انجامينا ۾ فائرنگ جا آواز ٻڌا ويا ۽ روڊن تي ٽينڪ پڻ ڏٺا ويا جڏهن ته سڪيورٽي ذريعن اطلاع ڏني ته هٿياربندن صدارتي محل جي ڪمپليڪس تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

چاڊ جي سڪيورٽي ذريعن موجب، مقامي وقت موجب تقريبن رات جو پوڻي اٺين وڳي عمارت اندر هٿياربندن فائرنگ ڪئي پر صدارتي محل جي سڪيورٽي اهلڪارن کي قابو ڪري ورتو.

چاڊ جي حڪومت تصديق ڪئي آهي ته حملي جي نتيجي ۾ جوابي ڪارروائي ۾ 18 حملي آور ۽ هڪ سڪيورٽي اهلڪار مارجي ويا.

حڪومتي ترجمان ٻڌايو ته 18 حملي آور ماريا ويا جڏهن ته 6 حملي آور ۽ 3 سيڪورٽي اهلڪار زخمي ٿي پيا، زخمي سڪيورٽي اهلڪارن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
122,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
4.6 ° C
4.6 °
4.6 °
29 %
1.5kmh
47 %
ڇنڇر
4 °
آچر
10 °
سُومر
11 °
اڱارو
12 °
اربع
12 °

تازه ترين خبرون