اتر وزيرستان ۾ دهشتگردي جي حملي ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل ۽ ڪيپٽن سميت 7 فوجي جوان شهيد ٿي ويا جڏهن ته ڪليئرنس آپريشن ۾ 6 دهشتگرد به مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ دهشتگردن سڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو.
آءِ ايس پي آر موجب، دهشتگردن بارود سان ڀريل گاڏي چيڪ پوسٽ سان ٽڪرائي ڇڏي، جڏهن ته گاڏي چيڪ پوسٽ تي ٽڪرائڻ کانپوءِ ڪيترائي آپگهاتي حملا ڪيا ويا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ عمارت جو هڪ حصو ڪري پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 5 نوجوان شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب، آپگهاتي حملن کانپوءِ ليفٽيننٽ ڪرنل ڪاشف جي اڳواڻي ۾ ڪليئرنس آپريشن ڪيو ويو، جنهن ۾ 6 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو، جڏهن ته آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل ڪاشف ۽ ڪيپٽن احمد بدر شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته شهيدن ۾ 39 ورهين جي ليفٽيننٽ ڪرنل ڪاشف جو تعلق ڪراچي ۽ 23 ورهين جي ڪيپٽن محمد احمد بدر جو تعلق تله ڪنگ سان آهي.
آءِ ايس پي آر موجب ٻين شهيدن ۾ حوالدار صابر، نائيڪ خورشيد، سپاهي ناصر، سپاهي راجا ۽ سپاهي سجاد شامل آهن.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته شهيد حوالدار صابر جو تعلق خيبر ضلعي سان آهي، شهيد نائيڪ خورشيد جو تعلق لڪي مروت، شهيد سپاهي ناصر جو تعلق پشاور، شهيد راجا جو تعلق ڪوهاٽ ۽ شهيد سپاهي سجاد جو تعلق ايبٽ آباد سان آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، سڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن، سندن بهادر سپاهين جون اهڙيون قربانيون سندن عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون