- Advertisement -
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته سڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي موجودگيءَ جي اطلاع تي اتر وزيرستان ۾ ڪارروائي ڪئي.
ڪارروائي دوران سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب ڪارروائي دوران سڪيورٽي فورسز دهشتگردن جو ٿاڪ به تباهه ڪري ڇڏيو.
پاڪ فوج جي ترجمان موجب مارجي ويل دهشتگرد سڪيورٽي فورسز تي حملن ۽ شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث هئا.- Advertisement -
