احتجاج ڪرڻ ۽ ڌرڻو هڻڻ پي ٽي آءِ جو آئيني حق آهي، ڪنهن کي به آئيني حق کان روڪڻ نه گهرجي:مولانا عبدالغفور حيدري

- Advertisement -
جي يو آءِ اڳواڻ مولانا عبدالغفور حيدري چيو آهي ته احتجاج ڪرڻ ۽ ڌرڻو هڻڻ پي ٽي آءِ جو آئيني حق آهي، ڪنهن کي به آئيني حق کان روڪڻ نه گهرجي . جيڪب آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا عبدالغفور حيدري چيو ته تحريڪ انصاف سان اتحاد ڪرڻ جو في الحال ڪوبه امڪان ناهي. هن چيو ته بلوچستان جون حالتون فيصلا ڪندڙ قوتن جي غلط فيصلن سبب خراب ٿيون آهن، حق گهرندڙ صوبن جي ماڻهن کي گولي سان خاموش ڪرائڻ انصاف جو گهرج ناهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ٺهڻ کان وٺي هن وقت تائين بلوچستان جي ماڻهن کي شڪ جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو. مولانا عبدالغفور حيدريچيو ته سنڌ جي وسيلن ۽ ٻيٽن تي سنڌين ۽ ڪي پي مان نڪرندڙ گئس تي اتان جي ماڻهن جو حق آهي. هن چيو ته بلوچستان جي وڏي وزير جي تبديلي بابت ڪا خبر ناهي، نه ئي ان بابت کيس ڄاڻ آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
8.6 ° C
8.6 °
8.6 °
29%
1.9m/s
46%
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
20 °
ڇنڇر
19 °

تازه ترين خبرون