- Advertisement -
احتساب عدالت 190 ملين پائونڊ ريفرنس ۾ پي ٽي آءِ بانيءَ جي گهرواري بشريٰ بيبي جي ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي.
راولپنڊي جي احتساب عدالت جي جج محمد علي وڙائچ اڊيالا جيل راولپنڊي ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بيبي خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل سردار مظفر عباسي دليل ڏنا ته بشريٰ بيبيءَ جي گرفتاري گهربل ناهي.
هن چيو ته ڏهه مهينا اڳ به سندن اهو ئي موقف هو ته بشريٰ بيبي جا گرفتاري وارنٽ جاري نه ڪيا ويا.
ٻڌڻي دوران ٽن شاهدن کان آڏي پڇا مڪمل ڪئي وئي، ريفرنس ۾ مجموعي طور 27 شاهدن کان آڏي پڇا ڪئي وئي.
دليل ٻڌڻ بعد عدالت بشريٰ بيبي جي گرفتاريءَ کان اڳ واري ضمانت جي درخواست منظور ڪري ورتي- Advertisement -
