تازه ترين

پاڪ تاجڪ واپاري ڪاٿو سندن ويجهن لاڳاپن جو آئينو ناهي، واپاري ڪاٿي ۾ اضافي لاءِ کين سالياني بنيادن تي حدف مقرر ڪرڻا پوندا: وزيراعظم شهبازشريف

- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته پاڪ تاجڪ واپاري ڪاٿو سندن ويجهن لاڳاپن جو آئينو ناهي، واپاري ڪاٿي ۾ اضافي لاءِ کين سالياني بنيادن تي حدف مقرر ڪرڻا پوندا. دوشنبي ۾ تاجڪ صدر امام علي رحمان سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم شهبازشريف چيو ته تاجڪستان ۾ سندن شاندار آجيان ڪئي وئي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ مفاهمتي يادداشتن تي صحيون سندن ٻطرفن لاڳاپن جي مضبوطيءَ جو سبب بڻجنديون. وزيراعظم چيو ته زراعت، صحت، تعليم، سيڙپڪاري ۽ واپار کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪم ڪيو ويندو. شهبازشريف چيو ته تاجڪ واپاري ڪاٿو سندن ويجهن لاڳاپن جو آئينو ناهي، واپاري ڪاٿي ۾ اضافي لاءِ کين سالياني بنيادن تي حدف مقرر ڪرڻا پوندا. وزيراعظم چيو ته امن کانسواءِ خوشحالي ممڪن ناهي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. شهبازشريف چيو ته دنيا ۾ امن لاءِ فلسطين ۾ امن ضروري آهي. ان کان اڳ وزيراعظم شهبازشريف پاڪستاني وفد سان گڏ تاجڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري  تي دوشنبيَ پهتو، جتي تاجڪ وزيراعظم قاهر رسول زاد ۽ ٻين وزيراعظم جي آجيان ڪئي. هوائي اڏي تي وزيراعظم شهبازشريف پنهنجي تاجڪ هم منصب سان ملاقات ڪئي ۽ مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون. شهبازشريف دوشنبيَ اسماعيل ساماني جي يادگار تي پهچي گلن جي چادر چاڙهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته اسماعيل ساماني وچ ايشيا جي تاريخي شخصيتن ۽ تاجسڪتان جو قومي هيرو آهي، جنهن نائين ۽ ڏهين صديءَ ۾ تاجڪستان ۽ خراسان جي علائقي تي حڪومت ڪئي ۽ تاجڪ قوم کي تاريخي ترقي راهه تي گامزن ڪيو. شهبازشريف تاجڪستان کانپوءِ قازقستان جو دورو به ڪندو، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار،  خواجه آصف، عطا تارڙ ۽ طارق فاطمي به وزيراعظم سان گڏ آهن….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
31.1 ° C
31.1 °
31.1 °
8 %
3.5kmh
100 %
اڱارو
30 °
اربع
37 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون