تازه ترين

احمد فرهاد جي اغوا سنجيده معاملو آهي : اعظم نذير تارڙ

- Advertisement -
قانون واري وفاقي وزير،  اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته احمد فرهاد جي اغوا سنجيده معاملو آهي، اسلام آباد هائيڪورٽ جي رمارڪس سان تڪليف ٿي، فوجي، دفاعي، وزيراعظم ۽ ڪابينا جا ڪم ڪورٽ روم هلندا ته نظام ڪيئن هلندو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اعظم نذير تارڙ چيو ته چيو ويو ته سيڪريٽريز مطمئن نه ڪندا ته وزيراعظم ۽ سموري ڪابينا کي هت ويهاريو ويندو. هن چيو ته عدالتي معاملا آئين موجب حل ٿيڻا آهن، گم ٿيل ماڻهن بابت سڪي جا ٻئي پاسا ڏسڻ گهرجن، وقت کان اڳ هڪ ساهيءَ ۾ ايتريون سخت ڳالهيون ڪرڻ عدليا کي نٿيون سونهَن. اعظم نذير تارڙ چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي چئلينج کي منهن ڏئي رهيو آهي، پاڪ فوج دهشتگردي جي خاتمي لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، هي وقت سڀني کي گڏ ويهاري ملڪ کي ترقي وٺرائڻ جو آهي. قانون واري وفاقي وزير چيو ته هر ملڪ ۾ واقعا ٿيندا آهن، هر ادارو پنهنجي دائري ۾ رهي ڪم ڪري، سياستدان، سرڪاري آفيسر، عدليا سميت سڀ صبر جو مظهارو ڪندو، شاعر احمد فرهاد جي گمشدگيءَ جو معاملو عدالت ۾ ٻڌڻيءَ هيٺ آهي. هن چيو ته تاثر ڏنو پيو وڃي ته  ادارن ۾ ٽڪراءُ آهي، جيڪڏهن وزيراعظم ۽ ڪابينا کي آڏو ويهاريو وڃي ته اهي غير مناسب ڳالهيون آهن، ججن جا پنهنجا ضابطا آهن، جيڪڏهن فوجي، دفاعي، وزيراعظم ۽ ڪابينا جا ڪم ڪورٽ روم هلندا ته نظام ڪيئن هلندو؟ اعظم نذير تارڙ چيو ته گم ٿيل ماڻهن جو معاملو اڄ نه پر چئن ڏهاڪن جو آهي، شاعر جي اغوا سنجيده معاملو آهي، ڪارروائي سنجيدگيءَ سان اڳتي وڌائي وڃي، بهتر ٿيندو ته رڳو لکت ۾ حڪم جاري ڪيو وڃي، عدالتي حڪم ضرور جاري ڪيو وڃي پر جهڙيون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن ان سان ڏک ٿئي ٿو. وفاقي وزير چيو ته ماڻهن کي ڳولي سامهون آڻڻ پوليس جي بنيادي ذميواري آهي، سوشل ميڊيا ذريعي نفرت تي ٻڌل تقريرون به  وائرل ٿينديون آهن، سوشل ميڊيا بابت ڪيترن ئي ملڪن ۾ قانونسازي ٿي چڪي آهي، تنقيد ڪندڙ پهريان ان بل کي پڙهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
28.7 ° C
28.7 °
28.7 °
9 %
2.9kmh
100 %
اڱارو
28 °
اربع
37 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون