- Advertisement -
نامزد چيف جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته اختيارن جي ورڇ جي اصول تي عمل ڪرڻو پوندو، سندس پهرين ترجيح ڏورانهن علائقن ۾ ضلعي عدليه هوندي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي دور ۾ عورتن ۽ ٻارڙن جي حقن جي حفاظت ڪئي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سان ڪيترن ئي معاملن تي اختلاف ڪيو، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کليل دل سان سندس موقف ٻڌندو رهيو آهي.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي اعزاز ۾ الوداعي فل ڪورٽ ريفرنس کي خطاب ڪندي جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته پاڪستان جي عوام لاءِ قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻائيندا.
سندس چوڻ هو ته بار جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو، اختيارن جي ورڇ جي اصول تي عمل ڪرڻو پوندو، سندس پهرين ترجيح ڏورانهن علائقن ۾ ضلعي عدليه هوندي.
نامزد چيف جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کان گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ مليو، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سٺو وقت گزاري وڃي رهيو آهي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي کوٽ محسوس ڪندا.
هن چيو ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي دور ۾ عورتن ۽ ٻارڙن جي حقن جي حفاظت ڪئي.
نامزد چيف جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سان ڪيترن ئي معاملن تي اختلاف ڪيو، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کليل دل سان سندس موقف ٻڌندو رهيو آهي.- Advertisement -
