ادارن کي درخواست آهي ته نيوٽرل ٿي وڃن : علي امين گنڊا پور

- Advertisement -
خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊا پور چيو آهي ته ادارن کي درخواست آهي ته نيوٽرل ٿي وڃن، ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ اتفاق راءِ سان فيصلا ٿيندا آهن، وفاقي سرڪار اندر هڪ ۽ ٻاهر وري ٻيو ڪجهه آهي، ڪي پي ۾ دهشتگرديءَ جي چئلينج کي متحد ٿي منهن ڏئي سگهجي ٿو، صوبي جي سمورين ضرورتن کي پورا ڪندا، وفاقي حڪومت وفاقي حڪومت کان پيسا وٺي رهندا. مردان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي علي امين گنڊاپور چيو ته تحريڪ انصاف پنهنجي دور ۾ عوام کي رليف ڏنو هو، پيٽرول جا اگهه تمام گهٽ هئا، هنن ڪڏهن به اقتدار لاءِ سياست ناهي ڪئي سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف آئين جي پاسداري ڪئي، هنن آئين ٽوڙيو، معاشي حوالي سان ملڪ جون حالتون بهتر ناهن. خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊا پور چيو ته وفاقي حڪومت اندر ڪجهه ۽ ٻاهر ڪجهه آهي، تحريڪ انصاف ٻن وڏن صوبن ۾ اليڪشن ڪرائڻ لاءِ آئيني طور اسيمبليون ٽوڙيون، ماڻهو بجلي جا بل ادا نٿا ڪري سگهن، کين سولر پينل فراهم ڪندا، هڪ لک گهرن کي سولر سسٽم فراهم ڪندا. علي امين گنڊاپور چيو ته ملڪ ۾ دهشتگردي ۾ اضافو ٿيو، دهشتگردي باوجود پوليس جا جوان بهترين ڪم ڪري رهيا آهن، شهيدن جي پيڪيج بابت معاملا اسيمبلي ۾ پيش ڪيا ويندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
4 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
19.9 ° C
19.9 °
19.9 °
20%
0.3m/s
0%
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون