تازه ترين

اردن جو بادشاهه شاهه عبدالله ابن الحسين اڄ ٻن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهچي رهيو آهي

- Advertisement -
اردن جو بادشاهه شاهه عبدالله ابن الحسين اڄ ٻن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهچي رهيو آهي. پرڏيهي آفيس ترجمان طاهر حسين اندرابي جو چوڻ آهي ته اردن جو بادشاهه پاڪستان جو دورو وزيراعظم شهباز شريف جي دعوت تي ڪري رهيو آهي. ترجمان موجب، هي دورو ٻنهي ملڪن جي سياسي، معاشي ۽ ثقافتي شعبن ۾ سهڪار کي نئون رستو ۽ مضبوط بنياد فراهم ڪندو. پنهنجي دوري دوران اردن جو بادشاهه عبدالله صدر پاڪستان ۽ وزيراعظم سان ملاقاتون ڪندو جن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. ان موقعي تي ايوان صدر ۾ هڪ خاص تقريب به منقعد ڪئي ويندي جنهن ۾ شاهه عبدالله کي پاڪستان جو اعلى ترين سول ايوارڊ ڏنو ويندو
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
20.1 ° C
20.1 °
20.1 °
55 %
4kmh
100 %
سُومر
23 °
اڱارو
31 °
اربع
31 °
خميس
32 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون