پاڻي ماهرن ۽ سڄاڻ ڌرين ارسا جو ڪنٽرول وفاق حوالي ڪرڻ جون ڪوششون رد

- Advertisement -
سنڌ جي پاڻي ماهرن، ارسا جي اڳوڻي چيئرمين ۽ سڄاڻ ڌرين ارسا ترميمي بل جي حوالي سان ٿيندڙ سمورين ڪوششن کي رد ڪندي چيو آھي جولاءِ جي مهيني ۾ ايوان صدر ۾ ٿيل اجلاس ۽ جاري ڪيل منٽس غيرآئيني ۽ 1991 واري پاڻي ٺاھ جي کليل ڀڃڪڙي آھي، سنڌ حڪومت، اسيمبلي ميمبرن ۽ صوبي جي عوام کي سنڌ دشمن منصوبي خلاف ڀرپور آواز اٿارڻ گهرجي. اهڙو اظهار سنڌ ٽي وي نيوز جي پروگرام بي هائينڊ دي نيوز ۾ ميزبان شڪيل سومرو سان پلاننگ اينڊ ڪميشن جي اڳوڻي سيڪريٽري، پاڻي ماهر فضل الله قريشي، ارسا جي اڳوڻي چيئرمين سيد مظهر علي شاھ، نالي واري دانشور جامي چانڊئي ۽ سينئر صحافي اظهار سومري ڳالهائيندي ڪيو. هنن چيو ته ارسا هڪ خودمختيار ادارو آھي، صدر ۽ وزيراعظم جي ماتحت ناهي، جولاءِ ۾ ايوان صدر اندر ٿيل اجلاس ۽ جاري ڪيل منٽس غيرآئيني ۽ 1991 واري پاڻي ٺاھ جي کليل ڀڃڪڙي آھي. سندن چوڻ هو ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ پاڻي تڪرار پراڻو آھي، سدائين سنڌ سان پاڻي جي مامري تي زيادتي ٿيندي رهي آھي. پاڻي ماهرن ۽ ٻين چيو ته ارسا ترميمي بل منظور ٿيڻ کانپوءِ ارسا جو ادارو ختم ٿي ويندو ۽ سنڌ مڪمل طور تي تباھ ٿي ويندي، ارسا ۾ صوبن جو اختيار به ختم ٿي ويندو. سندن چوڻ هو ته چيئرمين پنهنجي مرضي سان صوبن کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ ٻاهران ميمبر نامزد ڪري سگهندو، ارسا ترميمي بل منظور ٿيڻ سان سنڌ بنجر بڻجي ويندي. هنن سنڌ حڪومت، اسيمبلي جي ميمبرن  ۽ سنڌ جي عوام کي خبردار ڪندي چيو ته ارسا ترميمي بل سنڌ خلاف هڪ گهري سازش آھي، ڄاڻايل سنڌ دشمن منصوبي خلاف ڀرپور آواز اٿاريو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
3 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
26.2 ° C
26.2 °
26.2 °
19%
0.7m/s
0%
خميس
29 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
29 °
آچر
28 °
سُومر
24 °

تازه ترين خبرون