پيرس اولپمڪس ۾ پاڪستان لاءِ ميڊل کٽڻ جي اميدوار ارشد نديم جيولن ٿرو جي فائنل لاءِ ڪواليفاءَ ڪري ورتو آهي.
جيولن ٿرو جي ڪواليفڪيشن رائونڊ ۾ گروپ بي ۾ شامل ارشد نديم کي فائنل ۾ سڌيءَ ريت پهچڻ لاءِ گهٽ ۾گهٽ 84 ميٽر ٿرو ڪرڻي هئي.
ارشد نديم پهريون ڀيرو 86 ڏهائي 59 جي ٿرو ڪري فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.
ارشد نديم هاڻي 8 آگسٽ تي جيولن ٿرو ايونٽ جو فائنل کيڏندو.
اهو ارشد نديم جو اولپمڪس ۾ مسلسل ٻيو فائنل آهي، ٽوڪيو ۾ ٿيل اولمپڪس ۾ ارشد نديم پنجين پوزيشن تي رهيو هو.
گروپ بي ۾ شامل ڀارت جو نيرج چوپرا به پهريون ڀيرو 89 ڏهائي 34 ميٽر ٿرو ڪري فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.