ارشد نديم جيولن ٿرو جي فائنل لاءِ ڪواليفاءَ ڪري ورتو

- Advertisement -
پيرس اولپمڪس ۾ پاڪستان لاءِ ميڊل کٽڻ جي اميدوار ارشد نديم جيولن ٿرو جي فائنل لاءِ ڪواليفاءَ ڪري ورتو آهي. جيولن ٿرو جي ڪواليفڪيشن رائونڊ ۾ گروپ بي ۾ شامل ارشد نديم کي فائنل ۾ سڌيءَ ريت پهچڻ لاءِ گهٽ ۾گهٽ 84 ميٽر ٿرو ڪرڻي هئي. ارشد نديم پهريون ڀيرو 86 ڏهائي 59 جي ٿرو ڪري  فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. ارشد نديم هاڻي 8 آگسٽ تي جيولن ٿرو ايونٽ جو فائنل کيڏندو. اهو ارشد نديم جو اولپمڪس ۾ مسلسل ٻيو فائنل آهي، ٽوڪيو ۾ ٿيل اولمپڪس ۾ ارشد نديم پنجين پوزيشن تي رهيو هو. گروپ بي ۾ شامل ڀارت جو نيرج چوپرا به پهريون ڀيرو 89 ڏهائي 34 ميٽر ٿرو ڪري فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
15.1 ° C
15.1 °
15.1 °
20%
1.1m/s
16%
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
20 °
ڇنڇر
19 °

تازه ترين خبرون