تازه ترين

اسان جنگ ۽ ڳالهين ٻنهي لاءِ تيار آهيون: ايراني پرڏيهي وزي

- Advertisement -
ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته هو جنگ ۽ ڳالهيون ٻنهي لاءِ تيار آهن، هفتي جي آخر ۾ تشدد ۾ اضافو ٿيو، دهشتگردن، مظاهرين ۽ سڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻايو جڏهن ته هاڻي صورتحال مڪمل ڪنٽرول ۾ آهي. جاري ڪيل بيان ۾ عباس عراقچي چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ ايران ۾ پرامن مظاهرا پرتشدد مظاهرن ۾ تبديل ٿي ويا، ٻن هفتن ۾ مظاهرن دوران 350 مسجدن کي باهه ڏني وئي. سندس چوڻ هو ته ايراني فورسز پرتشدد مظاهرن دوران وڌ کان وڌ صبر جو مظاهرو ڪيو، مظاهرين جا مطالبا جائز هئا ۽ حڪومت کين ٻڌي به رهي هئي. ايران جي پرڏيهي وزير چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي مداخلت جي ڳالهه کانپوءِ احتجاج رتوڇاڻ ۾ تبديل ٿي ويو ته جيئن مداخلت جو بهانو پيدا ٿي سگهي. عباس عراقچي چيو ته هو جنگ ۽ ڳالهيون ٻنهي لاءِ تيار آهن، حڪومت حالتن تي مڪمل ضابطو آڻي ورتو آهي ۽ پرامن مظاهرن جي حفاظت کي يقيني بڻايو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.1 ° C
28.1 °
28.1 °
36 %
2.9kmh
0 %
اربع
30 °
خميس
31 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
30 °
آچر
32 °

تازه ترين خبرون