تازه ترين

اسان حڪومت ۾ اربع تائين آهيون پوءِ نگران حڪومت اچي ويندي: منظور وساڻ

صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ چيو آهي ته هو اربع تائين حڪومت ۾ آهن پوءِ نگران حڪومت اچي ويندي، نگران سيٽ اپ ايندڙ سال فيبروري تائين هلندو، نگران حڪومت جي مدي ۾ واڌ به ٿي سگهي ٿي، عام چونڊون وقت تي نه ٿينديون، نگران حڪومت جو ڪم چونڊون ڪرائڻ آهي پر ٻيو ڪجهه به ڪري سگهن ٿا، نگران حڪومت کي ڪاررواين جا اختيار به ملي سگهن ٿا.

ڪنب ۾ مختلف ھنڌن تي روڊن جا افتتاح ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي منظور وساڻ چيو ته حڪومت ۾ اربع تائين آھي پوءِ نگران حڪومت اچي ويندي، سندس خيال ۾ نگران سيٽ اپ فيبروري 2024 کان اڳتي تائين ھلندو ۽ اھو به ٿي سگھي ٿو ته نگران سيٽ اپ ۾ وڌيڪ واڌ ٿئي.

سندس چوڻ هو ته نگران حڪومت دوران ڪجھه به ٿي سگھي ٿو، عام چونڊون وقت تي نه ٿينديون.

صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ چيو ته ملڪ مسئلن ۾ آھي ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين به مئسلن ۾ آهي، نگران حڪومت جو ڪم اليڪشن ڪرائڻ آھي پر ھو ٻيو ڪجھه به ڪري سگھن ٿا.

منظور وساڻ چيو ته ٿي سگھي ٿو ته نگران حڪومت کي ڪاررواين جا اختيار به ملي وڃن، جي ڊي اي اڌ کان وڌيڪ ٽٽي وئي آھي رهيل اميدوار پ پ ۾ شامل ٿي ويندا ڪجھه وري نه ليگ ۾ ھليا ويندا.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
26.6 ° C
26.6 °
26.6 °
32 %
3.6kmh
47 %
آچر
26 °
سُومر
27 °
اڱارو
25 °
اربع
27 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون