- Advertisement -
سنڌ جي نامزد وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته هو قسم کڻندا، ماڻهو ڀلي احتجاج ڪندا رهن.
سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته هن اڳ ۾ ئي ٻڌايو هو ته کين ڪيتريون سيٽون ملنديون، اسان کي اميد کان وڌيڪ سيٽون مليون آهن.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ ڪيترائي مسئلا آهن ۽ هو گڏجي انهن کي حل ڪندا.
مراد علي شاهه چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت لاءِ وڏا چئلينج آهن.
هن چيو ته مٿس اعتماد ڪرڻ تي هو پارٽي قيادت جو ٿورائتو آهي، قيادت جي اعتماد تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪندس.- Advertisement -
