- Advertisement -
اسرائيلي حملي ۾ مارجي ويل ايراني ڪمانڊر ميجر جنرل رضا موسوي جي جنازي نماز تهران ۾ ادا ڪئي وئي.
ميڊيا رپورٽس موجب، ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جنازي نماز جي امامت ڪئي.
ايراني ڪمانڊر شام ۾ اسرائيلي حملي ۾ مارجي ويو هو.
پاسدارانِ انقلاب جي سربراهه جنرل حسين سلامي جو چوڻ هو ته اسرائيلي خلاف 7 آڪٽوبر جو طوفان اقصى آپريشن مڪمل طور تي فلسطيني ڪارروائي هئي.
سندس چوڻ هو ته فلسطين جي اها ڪارروائي 75 سالن کان جاري اسرائيلي ظلم ۽ بربريت جو رد عمل هو.
ٻئي پاسي ايران جي بچاءَ واري وزير محمد رضا آشتياني جو چوڻ هو ته ايران اسرائيل خلاف جوابي ڪارروائي وقت اچڻ تي ڪندو.- Advertisement -
