تازه ترين

اسرائيلي زميني فوج ٽينڪن سان گڏ غزه ۾ داخل ٿي وئي

اسرائيلي زميني فوج ٽينڪن سان گڏ غزه ۾ داخل ٿي وئي، جڏهن ته اسرائيلي فوج جي بمباري سبب شهيد فلسطينن جو انگ 1949 ٿي ويو آهي.

اسرائيل 11 لک فلسطينين کي غزا جي پٽي خالي ڪرڻ لاءِ  24 ڪلاڪن جو الٽيميٽم ڏنو هو.

اسرائيلي زميني فوج ٽينڪن سان گڏ غزه ۾ داخل ٿي بي گناه فلسطينن جو خون وهائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.

اسرائيلي فوج جي بمباري سبب شهيد فلسطينن جو انگ 1949 ٿي ويو ۽ هزارين ٻار ۽ عورتون زخمي ٿي پيا.

غزه مان لڏپلاڻ ڪندڙ ٽن قافلن تي اسرائيلي جهازن حملا ڪيا جنهن جي نتيجي ۾  70 فلسطيني شهيد ۽ سوين زخمي ٿي پيا جڏهن ته اولهه ڪناري ۾ به 16 فلسطينن کي گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو.

هوڏانهن حماس جي حملن ۾ مارجي ويل اسرائيلين جو انگ به 13 سئو کان  وڌي ويو آهي.

اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته عام شهري سندن دشمن نه آهن، حماس جي ويڙهاڪن کي برداشت نه ڪيو ويندو.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
30.4 ° C
30.4 °
30.4 °
11 %
6.4kmh
0 %
اربع
31 °
خميس
36 °
جمعو
37 °
ڇنڇر
37 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون