- Advertisement -
اسرائيلي عدالت وزيراعظم نيتن ياهو جي رهائشگاهه تي فليئر فائر ڪندڙ 4 اسرائيلي شهرين کي آزاد ڪري ڇڏيو.
گذريل مهيني 4 اسرائيلي شهرين نيتن ياهو جي رهائشگاهه تي ميزائل فائر ڪيا هئا.
عدالت چئني اسرائيلينتي لاپرواهي ۽ غفلت جا الزام برقرار رکيا ۽ کين اليڪٽرانڪ ٽيگنگ سان گڏ نظربند رکڻ جو حڪم ڏنو.
اسرائيلي ميديا رپورٽن موجب، آزاد ٿيندڙ اسرائيلين ۾ هڪ اڳوڻو فوجي ۽ سندس پٽ به شامل آهن.
عدالت نيتن ياهو جي گهر تي فليئر فائر ڪيس ۾ دهشتگردي جا الزام رد ڪري ڇڏيا.
اسرائيلي ميڊيا جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته نيتن ياهو جي رهائشگاهه تي فليئر فائر ٿيڻ سان ڪوبه جاني نقصان ناهي ٿيو.
واضع رهي ته گذريل مهيني هڪ فليئر نيتن ياهو جي گهر ڀرسان ڪريو هو۽ ٻيو آڱر تي ڪري پيو هو……- Advertisement -
