اسرائيلي فورسز جا فلسطينين تي ظلم جاري آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران عورت ۽ ٻارن سميت وڌيڪ 109 فلسطينين کي شهيد ۽ 109 کي زخمي ڪيو ويو.
عرب ميڊيا موجب، شهيدن جو مجموعي انگ 34 هزار 904 ٿي ويو، جڏهن ته زخمين جو تعداد 78 هزار 514 زخمي تائين پهچي ويو آهي.
عرب ميڊيا موجب، اسرائيلي فوج رفح شهر تي ٽن پاسن کان حملا ڪري رهي آهي، اسرائيلي ايف 16 جهازن رهائشي ٽاور ۽ عوامي هنڌن کي نشانو بڻايو.
عرب ميڊيا موجب، اسرائيل جي وڌندڙ بربريت سبب 11 لک بي گهر فلسطيني رفح مان لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.
هوڏانهن رفح بارڊر ڪراسنگ اڃا تائين اسرائيلي فوج جي ڪنٽرول ۾، آهي، غزه ٽئين ڏينهن به امداد ناهي پهچي سگھي.
هوڏانهن القسام بريگيڊ جي جوابي حملن ۾ 13 اسرائيلي فوجي مارجي ويا آهن.
القسام برگيڊ ترجمان جو چوڻ آهي ته رفح، الزيتون ۾ راڪيٽ حملا ڪيا، جڏهن ته حماس اسنائپرز به يهودي فوجن کي نشانو بڻايو.