غزا ۽ رفح ۾ اسرائيلي فوج جا حملا جاري آهن، غزه ۾ شهرين جي اجتماع تي ميزائل فائر ڪيا ويا، گذريل چوويهن ڪلاڪن دوران يهودي فوج جي حملن ۾ 60 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب، اسرائيلي فوج جي رفح ۽ اتر غزا تي چڙهائي دوران فلسطيني مزاحمت ڪندڙن سان سخت چڪريون ٿيون.
ٻئي طرف رفح ۾ اسرائيلي ٽينڪن تي خوفناڪ حملي جي وڊيو جاري ڪئي وئي، جنهن ۾ ٽينڪ جي هيٺان نصب ٿيل بارودي سرنگ کي راڪيٽ سان نشانو بڻايو ويو.
هوڏانهن ڏکڻ لبنان ۾ اسرائيلي حملي ۾ حزب الله جو سينيئر ڪمانڊر شهيد ٿي ويو.
ٻئي پاسي حماس اڳواڻ اسماعيل هانيه جو چوڻ آهي ته جنگ بندي ڳالهين ۾ دير جو ذميوار اسرائيلي آهي.
هن چيو ته هو پنهنجي مطالبن کان پوئتي نه هٽندا، مستقل جنگ بندي، اسرائيلي فوج جو غزه مان نڪرڻ نڪري وڃڻ ۽ قيدين جي مٽاسٽا جو معاهدو ضروري آهي…….