اسرائيلي فوج جا غزه ۽ رفح تي حملا جاري، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 60 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد

- Advertisement -
غزا ۽ رفح ۾ اسرائيلي فوج جا حملا جاري آهن، غزه ۾ شهرين جي اجتماع تي ميزائل فائر ڪيا ويا، گذريل چوويهن ڪلاڪن دوران يهودي فوج جي حملن ۾ 60 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا. پرڏيهي ميڊيا موجب، اسرائيلي فوج جي رفح ۽ اتر غزا تي چڙهائي دوران فلسطيني مزاحمت ڪندڙن سان سخت چڪريون ٿيون. ٻئي طرف رفح ۾ اسرائيلي ٽينڪن تي خوفناڪ حملي جي وڊيو جاري ڪئي وئي، جنهن ۾ ٽينڪ جي هيٺان نصب ٿيل بارودي سرنگ کي راڪيٽ سان نشانو بڻايو ويو. هوڏانهن ڏکڻ لبنان ۾ اسرائيلي حملي ۾ حزب الله جو سينيئر ڪمانڊر شهيد ٿي ويو. ٻئي پاسي حماس اڳواڻ اسماعيل هانيه جو چوڻ آهي ته جنگ بندي ڳالهين ۾ دير جو ذميوار اسرائيلي آهي. هن چيو ته هو پنهنجي مطالبن کان پوئتي نه هٽندا، مستقل جنگ بندي، اسرائيلي فوج جو غزه مان نڪرڻ نڪري وڃڻ ۽ قيدين جي مٽاسٽا جو معاهدو ضروري آهي…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.2 ° C
25.2 °
25.2 °
23%
0.8m/s
0%
ڇنڇر
29 °
آچر
30 °
سُومر
30 °
اڱارو
30 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون