- Advertisement -
غزه ۾ اسرائيلي فوج جو ظلم جاري آهي، اسرائيلي فوج جي حملي ۾ 9 ٻارن سميت هڪ ئي خاندان جا 15 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن.
اسرائيلي فوج هڪ گودام ۾ پناهه ورتل فلسطيني خاندان مٿان حملو ڪري هڪ ئي ڪٽنب جي 15 ڄڻن سميت 16 ڄڻن کي شهيد ڪري ڇڏيو.
عرب ميڊيا موجب اسرائيلي فوج سينٽرل غزه جي علائقي الزوايده ۾ قائم هڪ گودام تي رات جي وقت بمباري ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ اتي پناهه ورتل 16 ڄڻا شهيد ٿي ويا، جن مان 15 ڄڻن جو تعلق هڪ ئي خاندان سان هو، جڏهن ته شهيد ٿيندڙن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل هئا.
عرب ميڊيا موجب اسرائيلي فوج جباليه پناهه گاهه ڪيمپ، دير البلاح، خان يونس تي به بمباري ڪئي، بمباري ۾ ڪيترائي فلسطيني شهيد ۽ زخمي ٿي پيا، جڏهن ته اسرائيل فوج اوڀر ڪناري جي شهر جنين ۾ به هڪ ڪار تي ڊرون حملو ڪري ٻن فلسطيني نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو…………..- Advertisement -
