تازه ترين

اسرائيلي فوج جي حملي ۾ 9 ٻارن سميت هڪ ئي خاندان جا 15 فلسطيني شهيد

- Advertisement -
غزه ۾ اسرائيلي فوج جو ظلم جاري آهي، اسرائيلي فوج جي حملي ۾ 9 ٻارن سميت هڪ ئي خاندان جا 15 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن. اسرائيلي فوج هڪ گودام ۾ پناهه ورتل فلسطيني خاندان مٿان حملو ڪري هڪ ئي ڪٽنب جي 15 ڄڻن سميت 16 ڄڻن کي شهيد ڪري ڇڏيو. عرب ميڊيا موجب اسرائيلي فوج سينٽرل غزه جي علائقي الزوايده ۾ قائم هڪ گودام تي رات جي وقت بمباري ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ اتي پناهه ورتل 16 ڄڻا شهيد ٿي ويا، جن مان 15 ڄڻن جو تعلق هڪ ئي خاندان سان هو، جڏهن ته شهيد ٿيندڙن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل هئا. عرب ميڊيا موجب اسرائيلي فوج جباليه پناهه گاهه ڪيمپ، دير البلاح، خان يونس تي به بمباري ڪئي، بمباري ۾ ڪيترائي فلسطيني شهيد ۽ زخمي ٿي پيا، جڏهن ته اسرائيل فوج اوڀر ڪناري جي شهر جنين ۾ به هڪ ڪار تي ڊرون حملو ڪري ٻن فلسطيني نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو…………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
27.8 ° C
27.8 °
27.8 °
26 %
4.6kmh
23 %
جمعو
27 °
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون