تازه ترين
حڪمران پنهنجي مرضي شروع ڪري ڇڏين ته نظام ڊهي پوندو آهي:بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه يونيورسٽين بابت قانونسازي واپس نه وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو قومي اسيمبليءَ سوشل ميڊيا قانون سخت ڪرڻ بابت پيڪا ايڪٽ ترميمي بل  اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان افسوس ناڪ آهي، ڳالهين جو اهو عمل پي ٽي آءِ جي اڳڀرائي تي هو:عرفان صديقي پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم سوشل ميڊيا لاءِ آهي ۽ ان سان صحافين کي تحفظ ملندو:عطا تارڙ سڪيورٽي فورسز پاڪ افغان سرحد تي دهشتگردن جي مداخلت جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي ڇهن دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ... سپريم ڪورٽ  بئنچن جي اختيارن جي ڪيس ۾ ايڊيشنل رجسٽرار سپريم ڪورٽ خلاف توهين عدالت ڪيس ۾ فيصلو محفوظ ... شرجيل انعام ميمڻ وڏي وزير جي تبديلي بابت افواهن کي رد ڪري ڇڏيو تحريڪ انصاف دور ۾ مسلم ليگ نون جي قيادت کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو:عطا تارڙ تحريڪ انصاف حڪومت سان ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسرائيلي فوج جي غزا تي مسلسل بمباري جي نتيجي ۾ شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 3 هزار ٿي ويو

اسرائيلي فوج جي غزا تي مسلسل بمباري جي نتيجي ۾ شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 3 هزار ٿي ويو ۽ 10 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.

حماس کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪام اسرائيل جي اٺين ڏينهن به هٿين خالي فلسطينين تي بمباري جاري آهي جنهن سبب وڌيڪ 410 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن.

شهيدن ۾ ٻارڙا ۽ عورتون به شامل آهن جڏهن ته يهودي فوج هٿان شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 3 هزار  329 ٿي ويو آهي.

غزا جي اتر، وچ ۽ ڏکڻ جي علائقن ۾ قافلن، مارڪيٽن ۽ بندرگاهه تي حملا ڪيا ويا جڏهن ته اسرائيلي بمباري ۾ چئن پرڏيهين سميت 9 يرغمالي به مارجي ويا.

غزا مان لڏپلاڻ ڪندڙ ٽن قافلن تي اسرائيلي جهازن جي حملي ۾ 70 فلسطيني شهيد ۽ سوين زخمي ٿي پيا.

اولهه ڪناري ۾ غزا جي شهرين سان ٻڌيءَ جي اظهار لاءِ ڪڍيل مظاهري تي اسرائيلي فوج جي فائرنگ سان 16 فلسطيني شهيد ٿي ويا، جڏهن ته غزا تي به ٽئنڪن سان چڙهائي ڪئي وئي.

اسرائيلي بمباريءَ بعد يرغمال اسرائيلين جا لاش به ملي رهيا آهن، جڏهن ته يهودي آبادڪار به فوج جي موجودگيءَ ۾ هٿين خالي فلسطينين تي گوليون هلائي رهيا آهن.

اسرائيل جي غزا تي بمباري بعد 4 لک فلسطيني بي گهر ۽ 20 لک پاڻي کان محروم آهن.

اسرائيلي فوج بنا فرق رهائشي عمارتن، عورتن ۽ ٻارڙن کي نشانو بڻائي رهي آهي جنهن سبب فوتين جو انگ وڌي رهيو آهي.

فلسطيني صحت واري وزارت هڪ هفتي کان غزا تي اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ هن وقت تائين 724 ٻارڙن سميت 2 هزار 239 ماڻهو شهيد ٿيڻ ۽ 10 هزار زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي.

گڏيل قومن موجب غزا تي هلندڙ بمباري سبب غزا مان 3 لک ماڻهو بي گهر ٿي ڪيمپن ۾ پناهه وٺي چڪاآهن.

اسرائيلي فوج غزا جي بجلي، پاڻي، خوراڪ، دوائن سميت ٻارڻ جي فراهمي بند ڪري ڇڏي آهي جنهن سبب غزا ۾ انساني بحران جو خدشو آهي.

اسرائيل حڪومت جو چوڻ آهي ته يرغمال بڻايل فوجين جي آزادي تائين غزا جي خوراڪ، ٻارڻ ۽ بجلي جي فراهمي بند رکي ويندي.

گڏيل قومن غزا جي مڪمل ناڪابندي، بجلي ۽ پاڻي توڙي خوراڪ جي بندش کي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي شهرين جي بقا لاءِ خطرو قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
122,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
4 ° C
4 °
4 °
28 %
1.4kmh
0 %
خميس
4 °
جمعو
12 °
ڇنڇر
14 °
آچر
16 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون