اسرائيلي فوج جي غزا ۾ بمباري جاري آهي جڏهن ته يهودي فوج جي اسپتال تي ٿيل حملي ۾ 800 فلسطيني شهيد ۽ 600 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن جڏهن ته حملن شهيد فلسطينين جو انگ ساڍا ٽي هزار کان وڌي ويو آهي ۽ فلسطيني صدر محمود عباس اسپتال تي حملي خلاف ٽي ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته فلسطينين جي قتل عام خلاف جهنڊو جهڪيل رهندو.
اسرائيلي جهازن اسپتال کي نشانو بڻايو جنهن ۾ طبي عملو، مريض، ٻارڙا، عورتون ۽ پناهه لاءِ آيل عام شهري شهيد ٿيا.
فلسطيني صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته اسرائيلي جهازن وچ غزا ۾ موجود اسپتال کي نشانو بڻايو جنهن ۾ 800 فلسطيني شهيد ۽ 600 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.
فلسطيني صحت واري وزارت موجب، ڪيترن ئي ماڻهن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي ۽ شهيدن فلسطينين جي انگ ۾ اضافي جو خدشو آهي.
فلسطيني صدر محمود عباس اسپتال تي حملي خلاف ٽي ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
فلسطيني صدر محمود عباس چيو ته فلسطينين جي قتل عام خلاف جهنڊو جهڪيل رهندو.
حماس جو چوڻ آهي ته اسپتال تي اسرائيلي فوج جي حملي ۾ ڪيترائي ماڻهو شهيد ٿي ويا جن ۾ بي گهر خاندان، مريض، ٻار ۽ عورتون شامل آهن، قتل عام جا ذميوار گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ جارحيت جو دفاع ڪندڙ ملڪ آهن، اسرائيلي فوج فلسطينين جي ٻارڙن کان پلاند وٺي رهي آهي، اسرائيل کي جنگ مان سولائي سان نڪرڻ نه ڏنو ويندو، هو اسرائيل خلاف مزاحمت جاري رکندا.
عالمي دٻاءُ باوجود اسرائيلي فوج طرفان غزا جي ناڪابندي برقرار هجڻ سبب علائقو تباهيءَ جي ڪناري تي پهچي ويو آهي، اسرائيل امدادي سامان پهچائڻ جي اجازت به ناهي ڏني، جنهنڪري صحت جو عالمي ادارو زخمين جي علاج لاءِ پريشان آهي، صاف پاڻيءَ جي کوٽ سبب بيماريون پکڙجڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي.
گڏيل قومن اسرائيل خلاف جنگي ڏوهن ۾ موث هجڻ جو ڪيس هلائڻ جو اشارو ڏنو آهي.