اسرائيلي فوج جا غزه ۽ والاريل اولهه ڪناري ۾ حملا جاري آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 47 فلسطيني شهيد، 94 زخمي ٿي پيا.
عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته ديرالبلاح ۾ گاڏي تي حملي ۾ 4 ۽ اسڪول تي بمباري ۾ 11 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فورسز جي اولهه ڪناري ۾ حملن ۾ شهيدن جو انگ 29 ٿي ويو جڏهن ته والاريل علائقي مان وڌيڪ 36 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو، يهودي فوج علائقي ۾ خوراڪ ۽ پاڻي جي سپلاءِ به معطل ڪري ڇڏي آهي.
عرب ميڊيا موجب، 7 آڪٽوبر 2023 کان هن وقت تائين اسرائيلي حملن ۾ شهيدن جو انگ 40 هزار 786 ٿي ويو جڏهن ته94 هزار 244 ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن.