تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

اسرائيلي فوج جي غزه ۾ اسپتالن ۽ ايمبولينسن تي بمباري، 227 فلسطيني شهيد

- Advertisement -
اسرائيلي فوج جي غزه ۾ اسپتالن، ايمبولينسن تي بمباري سبب وڌيڪ 227  فلسطيني شهيد ٿي ويا. ميڊيا رپورٽن موجب يهودي فوج غزه ۾ ايمولينس جي ڪانواءِ، رهائيشي عمارتن، ميڊيا آفيسن ۽ اتر کان ڏکڻ ڏانهن هجرت ڪري ويندڙن  عورتن ۽ ٻارڙن تي بمباري ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ وڌيڪ هڪ سئو فلسطيني شهيد ٿي ويا، جنهن بعد شهيد فلسطينين جو انگ وڌي شهيد فلسطينن جو انگ 9300 ٿي ويو ۽  25 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. الشفا اسپتال جي مرڪزي دروازي تي  اسرائيلي فوج بمباري ڪئي جنهن ڪيترائي ماڻهو شهيد ٿي ويا، زخمين کي مصر کڻي ويندڙ ايمبولينس تي به حملو ڪيو ويو. يهودي فوج اسڪول تي حملي به حملو ڪيو آهي جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 فلسطيني شهيد ۽ سوين شهري زخمي ٿي پيا، يهودي فوج اتر کان ڏکڻ ڏانهن  لڏو کڻي ويندڙن تي به بمباري ڪري 14 فلسطينين کان حياتيون کسي ورتيون. بيت لاحيه جي قبرستان ۾ 10 گورکا به اسرائيلي بمباري جو نشانو بڻجي ويا، جڏهن ته خان يونس ۾ گهر تي حملي ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا 5 ڄڻا شهيد ٿي ويا. فلسطيني صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته جمعي واري ڏينهن اسرائيلي ڊرون جهازن جي بمباري ۾ وڌيڪ 227 فلسطيني شهيد ٿي ويا. صحت واري عالمي اداري جو سربراه ٽيڊروس ايڊوهنام ايمبولينس جي ڪانواءِ تي اسرائيلي بمباري سبب صدمي ۾ وٺجي ويو آهي. صحت واري عالمي اداري جو سربراه ٽيڊروس ايڊوهنام چيو آهي ته هو هڪ ڀيرو ٻيهر مطالبو ڪري ٿو ته مريضن، طبي مرڪزن ۽ ايمبولينس کي هر صورت ۾ تحفظ فراهم ڪيو وڃي. اسرائيل فوج لبنان ۾ حزب الله جي ٿاڪن تي حملا  پڻ جاري رکيا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
17.9 ° C
17.9 °
17.9 °
9 %
3.4kmh
2 %
خميس
17 °
جمعو
20 °
ڇنڇر
22 °
آچر
21 °
سُومر
22 °

تازه ترين خبرون