اسرائيلي فوج جي غزه ۾ اسپتالن، ايمبولينسن تي بمباري سبب وڌيڪ 227 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
ميڊيا رپورٽن موجب يهودي فوج غزه ۾ ايمولينس جي ڪانواءِ، رهائيشي عمارتن، ميڊيا آفيسن ۽ اتر کان ڏکڻ ڏانهن هجرت ڪري ويندڙن عورتن ۽ ٻارڙن تي بمباري ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ وڌيڪ هڪ سئو فلسطيني شهيد ٿي ويا، جنهن بعد شهيد فلسطينين جو انگ وڌي شهيد فلسطينن جو انگ 9300 ٿي ويو ۽ 25 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.
الشفا اسپتال جي مرڪزي دروازي تي اسرائيلي فوج بمباري ڪئي جنهن ڪيترائي ماڻهو شهيد ٿي ويا، زخمين کي مصر کڻي ويندڙ ايمبولينس تي به حملو ڪيو ويو.
يهودي فوج اسڪول تي حملي به حملو ڪيو آهي جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 فلسطيني شهيد ۽ سوين شهري زخمي ٿي پيا، يهودي فوج اتر کان ڏکڻ ڏانهن لڏو کڻي ويندڙن تي به بمباري ڪري 14 فلسطينين کان حياتيون کسي ورتيون.
بيت لاحيه جي قبرستان ۾ 10 گورکا به اسرائيلي بمباري جو نشانو بڻجي ويا، جڏهن ته خان يونس ۾ گهر تي حملي ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا 5 ڄڻا شهيد ٿي ويا.
فلسطيني صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته جمعي واري ڏينهن اسرائيلي ڊرون جهازن جي بمباري ۾ وڌيڪ 227 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
صحت واري عالمي اداري جو سربراه ٽيڊروس ايڊوهنام ايمبولينس جي ڪانواءِ تي اسرائيلي بمباري سبب صدمي ۾ وٺجي ويو آهي.
صحت واري عالمي اداري جو سربراه ٽيڊروس ايڊوهنام چيو آهي ته هو هڪ ڀيرو ٻيهر مطالبو ڪري ٿو ته مريضن، طبي مرڪزن ۽ ايمبولينس کي هر صورت ۾ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
اسرائيل فوج لبنان ۾ حزب الله جي ٿاڪن تي حملا پڻ جاري رکيا آهن.