اسرائيلي فوج طرفان غزه جي المواصي ڪيمپ حملي ۾ امريڪي بم استعمال ڪرڻ جو انڪشاف سامهون آيو آهي.
عرب ميڊيا جي رپورٽ موجب، اسرائيلي فوج محفوظ قرار ڏنل علائقي المواصي ڪيمپ تي وحشياڻو حملو ڪيو ۽ بي گهر فلسطينين مٿان 2 هزار پائونڊ جا وزني بم ڪيرايا.
عرب ميڊيا موجب، بمباري ۾ 40 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿيا، طاقتور بمن جي استعمال سان شهيدن لاش ڳري ويا، ڪيترن ئي خيمن کي باهه وڪوڙي وئي.
رپورٽن موجب، بم ڪـِرڻ واري هنڌ تي 30 کان 50 فٽ جا وڏا کڏا پئجي ويا.
عرب ميڊيا موجب، غزه تي 7 آڪٽوبر 2023 کانپوءِ گذريل 11 مهينن کان جاري حملن ۾ فلسطيني شهيدن جو انگ 41 هزار کان وڌي ويو آهي.
هوڏانهن اسرائيلي فوج والاريل اولهه ڪناري جي شهر طولڪرم ۾ فائرنگڪري ٻن فلسطينين کي شهيد ڪري ڇڏيو.
ڏکڻ لبنان ۾ موٽر سائيڪل تي اسرائيلي ڊرون حملي ۾ حزب الله جو ميمبر پڻ شهيد ٿي ويو.