تازه ترين

اسرائيلي فوج طرفان لبنان جي مختلف علائقن تي بمباريءَ جو سلسلو جاري، بيروت شهر ۾ رهائشي عمارت کي به هوائي حملي جو نشانو بڻايو ويو

اسرائيلي فوج طرفان لبنان جي مختلف علائقن تي بمباريءَ جو سلسلو جاري آهي، بيروت شهر ۾ رهائشي عمارت کي به هوائي حملي جو نشانو بڻايو ويو.

لبناني صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران لبنان جي واديِ بقاع ۽ عين الدلب سميت ٻين علائقن ۾ اسرائيلي بمباري سبب 105 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي چڪا آهن.

عرب ميڊيا موجب، اسرائيلي فوج طرفان حزب الله جي 120 هنڌن کي نشانو بڻائڻ جي دعوى ڪئي وئي آهي جڏهن ته يمن جي سامونڊي شهر الحديده تي به وڏو هوائي حملو ڪيو ويو جنهن ۾ 4 يمني شهيد ۽ 29 زخمي ٿي پيا.

هوڏانهن غزه تي به اسرائيلي بربريت جو سلسلو جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 28 فلسطيني اسرائيلي دهشتگردي جو نشانو بڻجي ويا.

عرب ميڊيا جي رپورٽ موجب، اسرائيلي فوج وڏي جنگي هٿيارن ۽ گاڏين سان گڏ لبنان جي سرحد طرف وڌي رهي آهي جنهن سان لبنان تي زميني حملي جا خدشا وڌندا پيا وڃن………

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
118,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
18.7 ° C
18.7 °
18.7 °
42 %
0.4kmh
28 %
اڱارو
19 °
اربع
24 °
خميس
26 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
26 °

تازه ترين خبرون